پلاءُ پلاه

پُلاءُ/ پُلاه: گوشت ۾ رڌل چانورن جو طعام. پُلاهه/پلاءَ جا گهڻا قسم آهن: دم پخت، برياني، بيدن جو پُلاءُ، پلي ۽ مڇيءَ جو پلاءُ، قورمو پلاءُ، مُتنجن، ساڳ جو پلاءُ، سُلا پُلاءُ يا شُولا پلاءُ وغيره. ان کي وڏن ماڻهن جو کاڌو سمجهيو ويندو آهي. شاهه لطيف به سُر مارئيءَ ۾ پلاءُ لفظ ڪم آندو آهي:
’پلاءُ اوءِ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو